راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڪنٽرول لائن تي ڀارت جون جهنڊاپير، ڊوبه مور، بٽالين هيڊڪوارٽر سوجي ۽ پير ڪانٿي سيڪٽر ۾ جبار اينڊ ترکيان ڪامپليڪس سميت درجنين چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج طرفان حاجي پير سيڪٽر ۾ پاڪستان طرفان ڀارتي فوج خلاف موثر جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. پاڪ فوج بنا جواز فائرنگ ڪرڻ تي ڀارتي …
ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب، پاڪ فوج ڪنٽرول لائن تي جهنڊاپير، ڊوبه مور، بٽالين هيڊڪوارٽر سوجي، جبار اينڊ ترکيان ڪامپليڪس سميت درجنين پوسٽون تباهه
راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڪنٽرول لائن تي ڀارت جون جهنڊاپير، ڊوبه مور، بٽالين هيڊڪوارٽر سوجي ۽ پير ڪانٿي سيڪٽر ۾ جبار اينڊ ترکيان ڪامپليڪس سميت درجنين چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج طرفان حاجي پير سيڪٽر ۾ پاڪستان طرفان ڀارتي فوج خلاف موثر جوابي ڪارروائي ڪئي وئي. پاڪ فوج بنا جواز فائرنگ ڪرڻ تي ڀارتي فوج جي جهنڊا زيارت پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو، جهنڊا زيارت پوسٽ جي تباهي سان دشمن کي وڏو نقصان کڻڻو پيو. ان کان اڳ به پاڪستان جي موثر جوابي ڪاررواين سان ڪيتريون ئي ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن. پاڪ فوج حاجي پير سيڪٽر تي ڀارتي بنا جواز فائرنگ جو جواب ڏيندي ڀارتي فوج جي رنگ ڪنٽوئر پوسٽ ۽ پوڪران مارٽر بگسر پوسٽ کي به تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جون 3 وڌيڪ چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون جن ۾ ڪيلر سيڪٽر ۾ دشمن جي مهري پوسٽ خالصه ٽاپ جڏهن ته رک چڪري سيڪٽر ۾ دنا ٽاپ ۽ ماونڊ پوسٽ شامل آهن. پاڪ فوج جي تازن حملن ۾ دشمن کي وڏو نقصان کڻڻو پويو، ان کان اڳ به پاڪ فوج طرفان دشمن جي ڪيترن ئي پوسٽن کي تباهه ڪيو ويو. ڪنٽرول لائن تي هڪٻئي پويان پوسٽن جي تباهي سان دشمن بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي










