اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي نئين چونڊيل پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جون مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هي تاريخي لمحو سڄي دنيا جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ اميد جو نئون باب آهي. هن چيو ته پاڪستان مسيحي برادري سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جي چونڊجڻ تي مسيحي برادري کي مبارڪون
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي نئين چونڊيل پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جون مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هي تاريخي لمحو سڄي دنيا جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ اميد جو نئون باب آهي. هن چيو ته پاڪستان مسيحي برادري سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي هٿي ڏيڻ جو عزم ڪري ٿو. پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ امن ۽ انساني وقار کي پرامن هٿي وٺرائڻ جي گڏيل مقصدن لاءِ پرعزم آهي










