اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي ميڊيا پاران ان تي پٺاڻ ڪوٽ، جيسلمير ۽ سرينگر تي حملا ڪرڻ بابت هنيل بي بنياد ۽ غيرذميواراڻي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهي دعوائون مڪمل طور تي بي بنياد، سياسي محرڪات رکندڙ ۽ لاپرواهه پروپئگنڊه مهم جو حصو آهن جن جو مقصد پاڪستان کي بدنام ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪنهن معتبر جاچ کانسواءِ پاڪستان تي بار بار الزام هڻڻ جو انداز جارحيت جو جواز پيدا ڪرڻ ۽ خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام ۾ وجهڻ جي ڄاڻي واڻي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙي طرح جا قدم نه رڳو علائقائي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وجهن ٿا پر سياسي ۽ فوجي مقصدن جي لاءِ غلط معلومات سان ناجائز فائدو کڻڻ جي لاءِ پڻ راهه هموار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها ان خطرناڪ رويي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي تحمل ۽ ذميواري جو مشورو ڏي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ ڪوڙي ڍونگ تي ٻڌل ڪنهن به ڇڪتاڻ جو پوري عزم ۽ ولولي سان مقابلو ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستان امن جي لاءِ تيار ۽ ڀرڀرپور انداز ۾ پرعزم آهي پر هو اشتعال انگيزي، ڌمڪائڻ يا گمراهه ڪرڻ جي ڪوششن کان نه دڄندو ۽ جارحيت جي ڪاررواين جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. هنيل انهن الزامن کي سختي سان رد ڪيو وڃي ٿو.