اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت سک برادري ۾ پاڪستان مخالف جذبن کي ڀڙڪائڻ جي لاءِ امرتسر کي ڄاڻي واڻي پروجيڪٽائل/ ميزائلن سان نشانو بڻايو، پاڪستان ڀارتي پنجاب ۾ ڪنهن به شهري علائقي ۾ ڪارروائي ناهي ڪئي، ڀارت ڪا به مهم جوئي ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستاني مطمئن رهن، پاڪ فوج عوام کي مايوس نه ڪندي، ڀارت وٽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي قانوني گنجائش نه آهي، هڪ ذميوار ملڪ جي طور تي پاڪستان هر ممڪن اسٽريٽجڪ احتياط جو مظاهرو ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت 8 مئي جي صبح چار ميزائيل فائر ڪيا جيڪي پاڪستاني علائقي کي نشانو بڻائيندڙ ميزائيل هئا. نائب وزيراعظم چيو ته هڪ انتهائي ڪڌي ڪارروائي ۾ ٽي پروجيڪٽائل ڄاڻي واڻي ڀارتي پنجاب جي گادي واري شهر امرتسر ۾ ڪيرايا ويا جڏهن ته چوٿون پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيو، ان کي پاڪستان جي فضائي دفاع ناڪاره بڻائي ڇڏيو ۽ ان جو ملبو ڊينگه ۾ ڪيرايو ويو جيڪو پاڪستان جي اندر آهي. هن چيو ته ڀارت جي هندو فرقي پرست حڪومت پنجاب جي سک آبادي ۾ پاڪستان مخالف جذبن کي ڀڙڪائڻ جي لاءِ پاڪستان تي ڪوڙو الزام هنيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان واضح طور تي ڪنهن به اهڙي ارادي يا قدم جي ترديد ڪري ٿو جنهن سان ڀارتي پنجاب ۾ شهري آبادي کي خطرو هجي. ڀارتي قيادت جي تفريق پيدا ڪندڙ پاليسين جي ابتڙ پاڪستان معصوم جانين ۽ علائقائي هم آهنگي جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. محمد اسحاق ڊار نشاندهي ڪئي ته پروجيڪٽائل ميزائيل هڻڻ کانسواءِ ڪيترن ئي هٿياربند ڀارتي ڊرونز ڪيترين ئي جاين تي عالمي سرحد پار ڪري پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي جنهن سان شهرين کي نشانو بڻايو ويو، انهن حملن ۾ هڪ شهري شهيد ۽ چار زخمي ٿيا، ڀارت فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي ڪوشش ڪئي جنهن سان چار فوجي اهلڪار زخمي ٿيا. هن چيو ته ڊرونز راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي پڻ نشانو بڻايو جيڪا جاري پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي جڳهه تي ملڪي ۽ غيرملڪي ڪرڪيٽ رانديگرن کي نشانو بڻائڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش هئي. نائب وزيراعظم چيو ته بار بار جي اشتعال انگيزين جي باوجود پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي ناطي هيستائين اسٽريٽجڪ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ هن پختگي سان ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب پنهنجي ردعمل کي سختي سان پنهنجي دفاع تائين محدود رکيو آهي. هن چيو ته ان جي باوجود ان سنگين ۽ غيرقانوني جارحيت جي ڏس ۾ ۽ ممڪن طور پنهنجي سرزمين ۾ ميزائيل فائر ڪرڻ ۽ فضائي حدن جي خلاف ورزي جي ڏس ۾ پاڪستان ڀارت کي پنهنجي مرضي جي وقت ۽ طريقي تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. محمد اسحاق ڊار ڀارتي جارحيت جي تناظر ۾ عوام کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ملڪ جي هٿياربند فوج ڀارت جي ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان جي فضائيه پاران 5 ڀارتي جهازن کي ماري ڪيرائڻ کانپوءِ ڀارت شرمندگي جي ڪري اهڙين ”شرمناڪ“ ڪاررواين جو سهارو وٺي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت اڄ سڄي پاڪستان ۾ جيڪا حرڪت ڪئي آهي اها شرمناڪ ۽ مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي شرمندگي لڪائڻ جي لاءِ هڪ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي ٺاهي ته هن ڀارت تي پاڪستاني حملي جي جواب ۾ ڊرونز سان حملو ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو پنهنجي طئي ڪيل وقت ۽ جڳهه تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. هن چيو ته ڀارتي ڊرونز لاهور ۾ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت ڪو ايڊوينچر ڪيو ته اسان جي آرمي، نيوي ۽ فضائيه الرٽ آهن. نائب وزيراعظم چيو ته راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تي حملو ڪري ڀارت پاڪستاني ۽ غيرملڪي رانديگرن جي جان خطري ۾ وجهي ڇڏي، ڀارت جي فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي دعويٰ سڌوسنئون ڪوڙ آهي. هن چيو ته قوم مطمئن رهي، حڪومت ۽ پاڪ فوج پنهنجو فرض ذميواري سان نڀائيندي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ڀارتي ڊرونز پاڪ فوج ماري ڪيرايا. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جي 5 جنگي جهازن کي ماري ڪيرايو جيڪو ڀارت کان هضم نه ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي ڪيترن ئي ڊرونز پاڪستان جي حدن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڀارتي ڊرونز لاهور ۾ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڀارت کي پنهنجي 5 جهازن جي تباهي هضم نه ٿي رهي آهي، هو پنهنجي خفت مٽائڻ جي لاءِ اهي حرڪتون ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت آهي، هٿياربند فوج دفاع جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪ فضائيه جي شاهينن ڪاميابي سان 80 ڀارتي جنگي جهازن جو مقابلو ڪيو.