اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڀارت پاران ايف 16 ۽ جي ايف 17 ويڙهاڪ جهازن کي ماري ڪيرائڻ جي دعوائن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ”ڪوڙ، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيو“ قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاران ايف 16 ۽ جي ايف 17 ويڙهاڪ جهازن کي ماري ڪيرائڻ بابت بي بنياد ۽ ڪوڙي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون توهان کي ڪٿي نه ملنديون، اهڙيون ڪوڙيون دعوائون رڳو ڀارت جي مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿيون، ڀارت جي انهن دعوائن کي رد ڪريون ٿا.