15 جاين تي ميزائل حملن جو ڀارتي الزام مذاق، ڀارت پاڻ ئي 3 ميزائل امرتسر فائر ڪيا: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) ڊي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت طرفان 15 جاين تي ميزائل حملن جي الزام کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت پاڻ ئي ڊرامو رچائڻ لاءِ امرتسر جي علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا، هڪ ميزائل پاڪستان طرف آيو جنهن کي ڊنگا وٽ ناڪارا بنايو ويو آهي، ميزائل جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ ميزائل جو فرانزڪ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان …

راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) ڊي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت طرفان 15 جاين تي ميزائل حملن جي الزام کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت پاڻ ئي ڊرامو رچائڻ لاءِ امرتسر جي علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا، هڪ ميزائل پاڪستان طرف آيو جنهن کي ڊنگا وٽ ناڪارا بنايو ويو آهي، ميزائل جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ ميزائل جو فرانزڪ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جڏهن پنهنجي مرضي سان وقت ۽ جڳهه جو تعين ڪري ڀارت کي جواب ڏيندو ته ان کي بيان ڪرڻ لاءِ انڊين ميڊيا جي ضرورت نه پوندي پر دنيا ٻُڌائيندي ته پاڪستان جواب ڏنو آهي، اهو حق اسان محفوظ رکون ٿا. 8 مئي تي اسرائيلي ساخته 29 ڊرونز ناڪام بنايا هڪ ڊرون فوجي ٺڪاڻي تائين پهتو جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجي جوان زخمي ۽ ان جاءِ کي جزوي نقصان پهتو. ڀارتي حملن ۾ وڌيڪ 3 شهري شهيد، مجموعي شهادتون 34، زخمين جو انگ 61 ٿي ويو. هو خميس ڏينهن شام جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته ڀارت پاڻ آدم پور کان 4 ميزائل فائر ڪيا جن مان 3 ميزائلن امرتسر جي علائقي کي ٽارگيٽ ڪيو، صرف هڪ ٽراجيٽڪائل انٽرنيشنل بارڊر پار ڪيو، اسان جي هٿياربند فوج چؤڪس هئي ۽ ان ميزائل جي مانيٽرنگ ڪري رهي هئي جڏهن ڊنگا جي علائقي ۾ ميزائل پهتو ته ان کي مانيٽر ڪري ناڪارا بنايو، ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو ڏسڻو هو ته جتي ملبو ڪري اتي ڪو نقصان نه ٿئي، ان ملبي جي فرانزڪ ٿي رهي آهي ته ڪهڙيءَ طرح جو ميزائل آهي. هن ٻُڌايو ته 3 اهڙي طرح جي ميزائلن کي امرتسر جي اندر ئي هدف بنايو ويو، ان جو سبب سڀني جي سامهون آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڊرامو ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ چيو پيو وڃي ته 15 جاين تي پاڪستان هدفن کي نشانو بنايو آهي، اهڙيءَ طرح جا ڪجهه سوال آهن، ڀارتي حڪومت ۽ فوج 18هين صديءَ ۾ رهي ٿي يا 21هين صديءَ ۾. ميزائل جڏهن ايندو آهي ته ان تي ڊجيٽل سگنيچر هوندي آهي، ان تي ڪوڙي ڪهاڻي نٿي ٺاهي سگهجي، جيڪي ثبوت ڀارت 15 هدفن تي حملي جا ڏيکاري رهيو آهي اها ڪڻڪ جي زمين آهي، ڪاش اتي خشڪ ڪڻڪ کي باهه ئي لڳائين ها، خبر ناهي ڀارت ڊيٿر ۽ فلم جي دنيا مان نڪري عملي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ايندو. هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت حملي آور ٿيو ته ان کي خبر هئي ته جواب به ايندو جيڪڏهن انهن جو ايئر ڊفينس ايترو سٺو هو ته پوءِ پنهنجا 5 جهاز بچائين ها. هن چيو ته جڏهن پاڪستان پنهنجي وقت ۽ جاءِ مطابق اسٽرائيڪ ڪندو ته ان کي ٻُڌائڻ لاءِ ڀارتي ميڊيا جي ضرورت ناهي پر دنيا ٻُڌائيندي ته پاڪستان اسٽرائيڪ ڪيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪا به شيءِ پاڪستان ايندي آهي ان تي اسان جي نظر آهي، ننڍا ڪراس سيڪشن جا ڊرونز آهن، جڏهن ڊرونز پاڪستان جي حدن ۾ آيا ته انهن کي خاص طريقي سان مُنهن ڏنو ويو، مناسب هٿيارن ۽ اوزارن جو استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اسان جي فضائي حدن ۾ مختلف ملڪن جون اُڏامون پڻ هيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته هاڻ تائين پاڪستان 29 ڊرونز کي ناڪارا بنايو آهي، صرف هڪ ڊرون مان فوجي ٺڪاڻي کي نقصان پهتو. هن ٻُڌايو ته اڄ جي حملن ۾ 3 ماڻهو شهيد ۽ 4 زخمي ٿيا آهن.

مزید خبریں