اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ڀارت جي اُگهاڙي جارحيت پاڪستان جا آپشنز نهايت محدود ڪري ڇڏيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهري آبادين تي ڊرون جي بزدلاڻن حملن ۽ درجنين معصوم شهرين جي شهادت کانپوءِ پاڪستان وٽ اهڙي وحشي پڻي جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو رستو نٿو بچي. ڀارت طرفان شڪست قبول ڪندي اڇا جهنڊا ڦڙڪائڻ ۽ مهلت ملندي ئي حملا شروع ڪرڻ واري منافقت کي حتمي سبق سيکارڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي.