اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف سي سي آءِ) جي صدر ريحان نسيم ڀراره واپاري واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪاروباري برادريءَ کي درپيش اهم مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ريحان نسيم ڀراره فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ جامع سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ٽيرف جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن تجويز پيش ڪئي ته روانگي واپار سان ڳنڍيل واپاري تنظيمن کي پاليسي ساز ادارن ۾ مستقل نمائندگي ڏني وڃي ته جيئن زميني حقيقتن تي ٻَڌل آواز قومي واپاري حڪمت عملين جو حصو بڻجي سگهن. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ايف سي سي آءِ جي صدر کي خاطري ڪرائي ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ پُرعزم آهي. هن ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بنائڻ لاءِ عملي سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو. ڀراره فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس جي سلور جوبلي 25 سالن جي خدمت جي موقعي تي واپار واري وزير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.