اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) آذربائيجان جي حڪومت به پاڪستان جي مڪمل حمايت جو فيصلو ڪيو آهي ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آذربائيجان جي حڪومت طرفان پاڪستان ۾ سفير خضر فرهادوف، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تڪرار تي سخت افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه آذربائيجان جي سفارتخاني مان جاري پڌرائيءَ موجب آذربائيجان جي حڪومت پاڪستان سان مڪمل يڪجهتيءَ جي اظهار ڪري ٿي ۽ پاڪستاني عوام جي ڀرپور حمايت جو عزم ورجائي ٿي. سفير پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت جي مسئلي کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي تجويز ڏني. سفير ڀارتي ڪاررواين ۾ متاثرن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن توقع ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ حالتون جلد معمول تي اچي وينديون ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ٿيندو.