اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هر قيمت تي ملڪ جي دفاع جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ڀارت پاران ميزائيل ۽ ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 31 شهري شهيد، 57 زخمي ٿيا ۽ شهري بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي حملن نه رڳو پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ڪئي پر ڏکڻ ايشيا ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي شديد خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ڀارت جي اشتعال انگيز جنگي ڪاررواين سبب شديد ڪاوڙ ۾ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي صدر ٽرمپ جي ڳڻتي کي ساراهيو. مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ڇو ته هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان مقصد جي لاءِ هن پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.