راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سافٽ ڪِل (فني) ۽ هارڊ ڪِل (هٿيار) سان هاڻي تائين 25 اسرائيلي ساخت جا هيروپ ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت جي 6 ۽ 7 مئي جي بزدلاڻي حملي ۾ 5 جديد جهاز، ڊرونز ۽ ڪيترن ئي پوسٽن کي تباهه ۽ فوجين جي مارجڻ کانپوءِ ڀارت بوکلاٽ ۾ انهن اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرونز سان پاڪستان تي حملا …
سافٽ ڪِل ۽ هارڊ ڪِل سان هن وقت تائين 25اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سافٽ ڪِل (فني) ۽ هارڊ ڪِل (هٿيار) سان هاڻي تائين 25 اسرائيلي ساخت جا هيروپ ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڀارت جي 6 ۽ 7 مئي جي بزدلاڻي حملي ۾ 5 جديد جهاز، ڊرونز ۽ ڪيترن ئي پوسٽن کي تباهه ۽ فوجين جي مارجڻ کانپوءِ ڀارت بوکلاٽ ۾ انهن اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرونز سان پاڪستان تي حملا ڪري رهيو آهي، اهي بزدلاڻا حملا ڀارت جي پريشاني ۽ بوکلاٽ جي نشاني آهن، ڪنٽرول لائن تي به ڀارت کي وڏو نقصانن کڻڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان جي مختلف علائقن مان اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرونز جو ملبو کنيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي ۽ ان جي سمورن ارادن کي مٽي ۾ ملائي رهي آهي.










