اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر آهي، روٽس جي عارضي بندش ملڪي ايئر لائنز جي اثاثن ۽ مسافرن جي پنهنجي حفاظت خاطر ڪئي پئي وڃي. ترجمان طرفان جاري بيان موجب فضائي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه روٽس کي محدود ڪيو ويندو آهي جنهن سان ان سيڪٽر جون اڏامون متاثر ٿينديون …
ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر ٿيو آهي: پي آءِ اي ترجمان
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر آهي، روٽس جي عارضي بندش ملڪي ايئر لائنز جي اثاثن ۽ مسافرن جي پنهنجي حفاظت خاطر ڪئي پئي وڃي. ترجمان طرفان جاري بيان موجب فضائي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه روٽس کي محدود ڪيو ويندو آهي جنهن سان ان سيڪٽر جون اڏامون متاثر ٿينديون آهن، روٽس جي عارضي بندش ملڪي ايئر لائنز جي اثاثن ۽ مسافرن جي حفاظت خاطر ڪئي ويندي آهي. مسافرن کي درخواست آهي ته معاملي جي سنجيدگي ڏسن ۽ ايئر لائن عملي سان سهڪار ڪن، مسافرن جي سهولت لاءِ پي آءِ اي ڪال سينٽر سان ان جي دستياب فون نمبر تي آگاهه ڪيو پيو وڃي. پي آءِ اي ڊائيورٽ ٿيل اڏامن جي مسافرن جي مڪمل سار سنڀال ڪري رهيو آهي جنهن ۾ انهن جي قيام ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست شامل آهي. مسافرن کي درخواست آهي ته هو ايئرپورٽ اچڻ کان پهريان پي آءِ اي ڪال سينٽر ۽ ويب سائيٽ سان رجوع ڪن ۽ پنهنجي اڏمن بابت وقت سر ڄاڻ حاصل ڪن.










