اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ پهلگام حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي بي بنياد ڪوششن ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي ان کي غير قانوني ۽ هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي اعلان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن تي رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻن حملن سان پيدا ٿيل صورتحال تي بحث جاري آهي ۽ ان دوران ميمبرن رات جي اونداهي ۾ ڀارت جي …
مودي رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو، اسان جي فوج ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي: عامر ڊوگر
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ پهلگام حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي بي بنياد ڪوششن ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي ان کي غير قانوني ۽ هڪطرفي طور معطل ڪرڻ جي اعلان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن تي رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻن حملن سان پيدا ٿيل صورتحال تي بحث جاري آهي ۽ ان دوران ميمبرن رات جي اونداهي ۾ ڀارت جي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج طرفان منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته تحريڪ انصاف جي چيف وهيپ عامر ڊوگر بحث جي شروعات ڪندي چيو ته گجرات جي ڪاسائي مودي رات جي اونداهي ۾ ملڪ تي حملو ڪيو اسان جي فوج ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پنهنجي قيادت جي هدايت تي اسان پنهنجي فوج سان گڏ آهيون. اسان قومي يڪجهتي جو پيغام ڏنو آهي.










