اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن سان گڏجي ڀارتي فوج جي وحشياڻي ۽ بنا جواز حملي ۾ بي گناهه پاڪستاني شهرين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائي موجب ججن شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هنن ان غير انساني جارحيت سبب شهيدن جي پوئينرن سان دلي تعزيت ۽ گهري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن تي پنهنجون لامحدود رحمتون نازل فرمائي ۽ بلند درجا عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر عطا ڪري. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ انصاف، انساني وقار ۽ معصوم جانين جي تحفظ ۽ تقدس لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.