فيصل آباد – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستان مرڪزي علماءَ ڪائونسل جمعو 9 مئي تي پاڪستاني فوج سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ يوم عزم دفاع پاڪستان ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ ملڪ جي سمورين مسجدن جي امامن، عالمن ۽ مذھبي اڳواڻ کي اپيل ڪئي آھي ته اھي جمعي جي اجتماعن ۾ سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ جھاد جي موضوع تي خطاب ڪن ۽ قوم پاڪستان فوج سان يڪجھتي جو اظھار ڪري. پاڪستان مرڪزي علماءَ جي چيئرمين چيو آھي ته مودي حڪومت مسجدن، معصوم ٻارن، باپرده عورتن ۽ بزرگن کي رات جي اونداهي ۾ نشاڻو بڻائي بزدلي جو مظاھرو ڪيو آھي. ھن چيو ته 25 ڪروڙ پاڪستاني عوام ملڪ جي دفاع لاءِ ھر طرح جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ۽ پنھنجي فوج سان گڏ آھي. قوم پاڪستان تي ڀارت جي حملن ۾ پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙن سمورن شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي.