اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪم ظرف ۽ بزدل دشمن فوج جو مقابلو ڪرڻ بدران معصوم شهرين ۽ آبادي کي نشانو بڻايو، پاڪستان جي غيرتمند عوام سان وچن ڪريون ٿا ته معصوم شهرين جي ناحق رت جي آخري ڦڙي تائين جو حساب ورتو ويندو، پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي دفاع دوران ڀارت جي انهن فوجي هدفن کي نشانو بڻايو جتان پاڪستان تي حملا ٿيا آهن، ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ 31 شهري شهيد ۽ 57 شهري زخمي ٿيا آهن، غيرملڪي ميڊيا کي انهن سمورين جاين جو دورو ڪرايو ويو جتي ڀارت حملا ڪيا، ميڊيا پاڻ ڏٺو ته هتي ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جون تربيتي ڪئمپون نه آهن پر مسجدون هيون جن کي شهيد ڪيو ويو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارت جي گذريل رات شهري آبادي تي بزدلاڻي ۽ افسوسناڪ حملي ۾ 31 معصوم شهري شهيد ۽ 57 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ڀارت جي ان بزدلاڻي حملي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو ظاهر ڪري ٿي، اسان جو دشمن ايترو ڪم ظرف ۽ بزدل آهي جو پنهنجي سامهون مقابلو ڪندڙ فوج سان وڙهڻ بدران رات جو لڪي معصوم شهرين ۽ آبادين کي نشانو بڻائي ٿو. هن ٻڌايو ته ان حملي ۾ گهٽ عمر جا ٻار به شهيد ٿيا آهن، انهن معصوم ٻارن کي اڃا زندگي جون بهارون ڏسڻيون هيون ڇا هي آهن اهي دهشتگرد جن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي پراڪسيز جي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي جڏهن پاڪستان انهن جي لاءِ زمين تنگ ڪرڻ شروع ڪئي ته ڀارت پاڻ پنهنجي فوج سان گڏجي دهشتگردي جي ڪارروائي تي لهي آيو، اها دهشتگردي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ٽرانس نيشنل ٽيررازم ۽ ڪلنگ ۾ ڀارت ملوث آهي، اها ڳالهه دنيا آڏو ثابت ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڀارت مختلف جاين تي مسجدن کي نشانو بڻايو، قران پاڪ شهيد ڪيا ويا، بهاولپور ۽ مريدڪي جون مسجدون مڪمل طور تي شهيد ٿي ويون. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا جو ڪهڙو مذهب آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جي عبادتگاهن ۽ قرآن پاڪ کي شهيد ڪري. هن چيو ته جڏهن اهو حملو ٿيو ته پاڪ فوج پنهنجي دفاع ۾ رڳو ڀارت جي فوجي ٺڪاڻن جي چونڊ ڪئي، هي اهي فوجي هدف هئا جتان پاڪستان جي سرزمين ۽ شهرين تي حملا ڪيا ويا هئا. هن چيو ته جڏهن دشمن حملو ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ان جي جديد جهازن کي ماري ڪيرايو، اسان جي فوج دشمن جا 5 جهاز ڪيرايا. هن چيو ته فضائي حملن کانسواءِ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊريز تي سيز فائر لائين جي خلاف ورزي ٿي. هن ٻڌايو ته اسان جي فوج ڀارتي فوج جي برگيڊ هيڊڪوارٽر، يونٽ بٽالين هيڊڪوارٽر، جنگل ون پوسٽ، جورا پوسٽ، دهرمسال، شاهه پور پوسٽ، چڪوٺي سيڪٽر، ليپا سيڪٽر، بٽل سيڪٽر، سانگهڙ پوسٽ، چيڙي ڪوٽ سيڪٽر، نيزه پير سيڪٽر پوسٽ، سرليا پوسٽ سميت انهن پوسٽن کي نشانو بڻايو جتان اشتعال انگيز فائرنگ ڪئي وئي هئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ فوج ڀارت جا 7 ننڍا وڏا ڊرونز ڪيرايا ۽ ٻه ڊرون قبضي ۾ وٺي ورتا آهن. هن ٻڌايو ته اڃا تائين سمورين مصروفيتن ۾ پاڪ فوج جو ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ نه ئي پاڪ فضائيه جي ڪنهن جهاز کي نقصان پهتو، اهو حملو ڀارت ان وقت ڪيو جڏهن پاڪستان عالمي ميڊيا کي انهن ئي جاين تي حقيقتون ڏيکارڻ جي لاءِ وٺي وڃڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو هو جن بابت ڀارت دهشتگردن جون تربيتي ڪئمپس چئي رهيو هو، 6 ۽ 7 مئي جي رات انهن ئي جاين تي ڀارت حملا ڪيا. هن چيو ته اربع ڏينهن غيرملڪي ميڊيا کي بهاولپور ۽ مريدڪي وٺي وڃڻو هو انهن کي ڏيکارڻو هو ته انهن جاين تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت 150 کان وڌيڪ ملڪي ۽ غيرملڪي صحافين کي بهاولپور، مريدڪي، ڪوٽلي ۽ مظفرآباد جو دورو ڪرايو، سمورين خيالي تربيتي ڪئمپس ۽ دهشتگردن جي خالي آماجگاهن جي عڪس بندي ڪئي آهي، دنيا ميڊيا جي ذريعي ڏسي رهي آهي ۽ پاڻ فيصلو ڪري رهي آهي ته ڇا اتي دهشتگرد هئا يا مسجدون هيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات عالمي ۽ مقامي اڏامن جي لاءِ پڻ خطرو هو ان وقت 57 اڏامون فضا ۾ هيون. هن چيو ته نيلم جهلم هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي پڻ ميزائيل هنيا ويا. هن ٻڌايو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ طئي ٿيو ته گڏيل قومن جي آرٽيڪل 51 تحت پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي هٿياربند فوج کي مناسب وقت، جڳهه ۽ فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته قوم، پاڪ فوج تي ۽ فوج کي پنهنجي بهادر قوم تي فخر آهي، ٻئي ڀارتي جارحيت جي خلاف متحد آهن، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته پاڪ فوج پاران پوري قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته ڪهڙي طرح ڀارتي جارحيت کي هڪ ٿي ٻڌايو ۽ فوج سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام، فوج اهو باور ڪرڻ چاهي ٿي ته معصوم شهرين جي ناحق رت جي آخري ڦڙي تائين جو حساب ورتو ويندو.