لاهور-07 مئي (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پوري صوبي ۾ هنگامي حالت جو اعلان ڪندي شهري دفاع سميت ٻين سمورن ادارن جي آفيسرن ۽ عملي کي به طلب ڪري ورتو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، ڀارتي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي بزدلاڻي حملو جو پوري قوم متحد ٿي مقابلو ڪندي، مئي ۾ دشمن حملو ڪيو جنهن جو 28 مئي 1998ع جي جيان منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ان امتحان ۾ سرخرو ٿيندو ۽ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان فتح ياب ٿيندو. وزيراعليٰ، پنجاب پوليس سميت سمورن سيڪيورٽي ادارن کي هائي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي، پنجاب جي سمورن اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جون موڪلون رد ڪري سموري اسٽاف کي فوري طور تي ڊيوٽيون سنڀالڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. وزيراعليٰ، سڄي پنجاب جي سمورن ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن کي به هائي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.