اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن کي 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي حملن بابت بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي جنهن نه رڳو پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي پر علائقائي امن ۽ استحڪام کي پڻ خطري ۾ وڌو. هن چيو ته ڀارت اهو قدم گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ بين الرياستي لاڳاپن کي ڪنٽرول ڪندڙ اصولن جي واضح خلاف ورزي ڪندي ڪيو. هن دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي بي بنياد ڀارتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پهلگام حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جو ڪو اعتبار جوڳو ثبوت نه آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو استعمال ڪندي مظلوميت جي فرضي داستان جو سهارو ورتو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ جي لاءِ عالمي برادري جي بار بار مطالبي تي ڌيان نه ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت کي ان جي غيرذميواراڻي ۽ لاپرواهه طرزعمل جي لاءِ جوابده قرار ڏي.