اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي فضائيه جهڙيءَ طرح ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو جواب ڏنو ان تي کين سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪڏهن ڀارت حملو ڪندو ته پوءِ انهن جا جهاز ڪيرائينداسين، جيئن گذريل رات مڇرن وانگر انهن جا جهاز ڪيرايا ويا، جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته ان جي حملن جي جواب ۾ اسان خاموش رهنداسين ته اها سندن ڀُل آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بزدل رات جي اونداهين ۾ حملو ڪندا آهن، جيڪڏهن انهن ۾ همت هجي ها ته هو ڏينهن ۾ اچي اعلانِ جنگ ڪن ها ۽ اسان جي سپاهين سان مقابلو ڪن ها. انهن رات جي اونداهيءَ ۾ ٻارن کي نشانو بنايو، جنهن جي اسان ۽ سڄي دنيا مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته هي 2003ع ناهي ته ڪو ملڪ اُٿي ڪري چوي ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ پوري دنيا مڃي وٺي، ٻن هفتن کان ڀارت الزام لڳائي رهيو آهي، ان جي جواب ۾ وزيراعظم الزامن کي رد ڪندي چيو ته اسان جا هٿ صاف آهن، ان ڪري پهلگام واقعي جي عالمي سطح جي جاچ جي آڇ ڪئي ته ان حملي ۾ ڪير ملوث آهي. هن چيو ته دهشتگردي بزدليءَ جي هڪ شڪل آهي ۽ نه ئي پاڪستان ۽ نه ئي ڪشميري ان ۾ ملوث آهن، ٻئي پاسي ڀارت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ اسان ان جو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت هڪ وڏو ملڪ هجڻ جي ڪري وحشي بڻجي چڪو آهي پر پاڪستان جي بهادر ۽ غيرتمند عوام ان جون اکيون کولي ڇڏيندا، اسان جنگ جا حامي ناهيون ۽ـ نه ڪڏهن جنگ جا حامي رهنداسين پر هاڻي ڀارت پاڪستان جي بي گناهه شهرين تي حملو ڪيو آهي ته هاڻي هو اسان جي جواب جو انتظار ڪري. بلاول ڀٽو چيو ته انٽرنيشنل چارٽر ۽ گڏيل قومن مطابق پاڪستان کي اهو حق حاصل آهي ته هو جڏهن ۽ جنهن انداز ۾ چاهي ان حملي جو جواب ڏي. اسان ۽ عوام حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون. هن چيو ته وزيراعظم ڀارت کي پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن جو ڀارت جواب نه ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جنگ جي ميدان ۾ ۽ سفارتي سطح تي حملي جو جواب ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته ان جي حملن جي جواب ۾ اسان خاموش رهنداسين ته اها سندن ڀُل آهي.