ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 26 شهري شهيد ٿيا، شهيدن جي رت جي هر ڦُڙي جو بدلو ورتو ويندو: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 26 شهري شهيد ٿيا آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته گذريل رات ڀارت جي هڪ طرفي ۽ بزدلاڻي حملي ۾ 26 معصوم پاڪستاني، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن شهيد ٿيا. اسان ان ڏکوئيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪريون …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 26 شهري شهيد ٿيا آهن. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته گذريل رات ڀارت جي هڪ طرفي ۽ بزدلاڻي حملي ۾ 26 معصوم پاڪستاني، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن شهيد ٿيا. اسان ان ڏکوئيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته انهن شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو بدلو ورتو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا حوصلا بلند آهن ۽ اسان جو جواب مُنهن ٽوڙ هوندو- پاڪستان زندهه باد.

مزید خبریں