راولپنڊي-07 مئي(اي پي پي)ڀارت جي بزدلاڻي حملي کانپوءِ سانگهڙ پوسٽ تي پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جا وڌيڪ وڊيو فوٽيجز منظرعام تي اچي ويا. فوٽيجز ۾ اڳواٽ ۽ ڪارروائي کانپوءِ جا منظر ڏسي سگهجن ٿا ته ڀارتي جارحيت جو پاڪ فوج جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو جنهن ۾ سانگهڙ پوسٽ تي ڀارتي فوج هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪ فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول تي دشمن جي چيڪ پوسٽن کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي. ان کان اڳ ليپه، چورا ڪمپليڪس پوسٽ ۽ چڪوٺي سيڪٽر ۾ به ڀارتي فوج اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو هو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ جارحيت، صبح جي روشني ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهي. ڀارتي فوج جي بزدلاڻين ڪارروائين جو پاڪ فوج اثرائتو جواب ڏئي رهي آهي.