اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ڀارتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جنگي جنون خطي جي سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪ فوج پنهنجي عوام جي حفاظت لاءِ هر ممڪن جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿي، ملڪ جي حفاظت لاءِ پوري قوم متحد آهي. اربع ڏينهن پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي طرفان چريائپ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ جنگ جو ڀيانڪ انجام ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جنگ نٿو چاهي پر پنهنجي حفاظت لاءِ هر حد تائين وينداسين. هن چيو ته پاڪستاني فضائيه ڀارتي جهازن کي پاڪستاني حدن ۾ داخل نه ٿيڻ ڏنو، ڀارتي حملن ۾ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري تي حملو برداشت ناهي، هر قيمت تي دفاع ڪيو ويندو. پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڀارت کي ان جارحيت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.