اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان جا سمورا ايئرپورٽس مڪمل طور تي فعال آهن. اربع ڏينهن پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي فضائي حدون شهري هوابازي لاءِ دستياب ۽ محفوظ آهن. پاڪستان، ڀارت جي غير ذميواراڻي قدمن سبب شهري هوابازي کي لاحق ٿيندڙ سنگين خطرن بابت عالمي شهري هوابازي تنظيم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ايئرپورٽس اٿارٽي مطابق قومي فضائي حدن جي محفوظ ۽ اثرائتي نظام سان مقامي ۽ عالمي ڪمرشل فلائٽس جي پر امن ۽ مسلسل رواني کي يقيني بنايو پيو وڃي.