اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دشمن جي رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي بزدلاڻي حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار هئي، پاڪ فضائيه جي جوانن ڀارتي غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، روايتي جنگ ۾ پاڪستان پنهنجي برتري ثابت ڪئي آهي، سموريون سياسي پارٽيون پاڪستان کي عظيم تر بڻائڻ جي لاءِ اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪن ۽ ملڪ جي لاءِ اسان سڀ گڏ ٿيون. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل رات ڀارت جي بزدلاڻي حملي ۾ ڪيترائي ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ٿيا، انهن شهيدن جا درجا الله تعاليٰ بلند فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته 22 اپريل تي ڀارت جي ناجائز قبضي هيٺ ڪشمير ۾ موجود پهلگام ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، ان واقعي جي فوري پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي ميڊيا ۽ حڪومتي سطح تي پاڪستان تي الزام هڻڻ شروع ڪيو ويو. هن چيو ته ان کان ڪجهه عرصو اڳ بلوچستان ۾ دهشتگردن جعفر ايڪسپريس کي هاءِ جيڪ ڪيو جنهن ۾ بي ايل اي سان گڏ ٽي ٽي پي شامل هئي ۽ ان جون ڪڙيون ڀارت سان مليُون ٿي، جنهن جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، جنهن ۾ درجنين شهادتون ٿيون. اسان جي ايس ايس جي جوانن بهادري سان دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري انهن مغوين کي آزاد ڪرايو جڏهن ته ڀارت پاران ان واقعي جي مذمت تائين نه ڪئي وئي ۽ دنيا آڏو ان جو مذاق اڏايو، اهو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٿي، اسان واضح ڪيو ته پاڪستان جو واقعي سان پري پري تائين تعلق نه آهي، پوءِ به صاف شفاف جاچ جي لاءِ عالمي انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر ان جو جواب نه ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته اسان کي روزانو اطلاع ملندا هئا ته ڀارت پاران ان حملي کي بڻياد بڻائي ڪا جارحيت ڪئي ويندي، پاڪ فوج 24 ڪلاڪ تيار هئي ته ڪڏهن دشمن جا جهاز اڏامن ۽ اسان انهن کي سبق سيکاريُون. ڀارت کي پنهنجي رافيل تي وڏو ناز هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ان جا جهاز اڏريا ته اسان جي فضائيه جي شاهينن انهن جي ڪميونيڪشن لاڪ ڪري ڇڏي، اهي فوري طور تي واپس سرينگر لهي ويا، اهو اسان جي فوج جي تياري ۽ عزم جو اظهار هو. هن چيو ته اسان کي ڀارت جي ڪڌي ارادن جي پَل پَل جي خبر هئي، گذريل رات پوري تياري سان ڀارت 80 جهازن سان آزاد ڪشمير جي ٻن شهرن، مريدڪي، بهاولپور ۽ سيالڪوٽ ۾ حملو ڪيو، پاڪستان جا عقاب مڪمل تياري ۾ هئا، اسان جي جهازن سرحد عبور نه ڪئي ۽ جن جهازن پاڪستان تي حملو ڪيو انهن تي وار ڪيو ۽ ڀارت جا 5 جهاز، ٻه ڊرون ڪيرايا. هن چيو ته ان کان وڏي عزت پاڪستان جي عوام کي نه ملي سگهندي هئي، الله جا شڪرگزار آهيون جيڪي اهو چوندا هئا ته پاڪستان روايتي جنگ ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي، انهن جا سمورا تجزيا غلط ثابت ٿيا، پاڪستان جي فوج فولادي فوج آهي، ان جي ڪري پاڪستان کي دنيا ۾ تڪريم ملي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ شهيد جو جنازو آهي جنهن ۾ صدر ۽ آرمي چيف سان گڏ شرڪت ڪرڻي آهي ته جيئن شهيد جي خاندان ۽ دنيا کي اهو پيغام وڃي ته شهيد جن جانين جا نذرانا ڏئي، پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري قوم جي ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو ۽ سرحدن جي حفاظت ڪئي، اهي قوم جا هيرو آهن. هن چيو ته ڪالهه جي واقعي ۾ الله پاڪستان کي عظيم فتح عطا ڪئي، اعليٰ درجي جي تياري ۽ حب الوطني جي جذبي سان سرشار پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان هڪ جان ۽ ٻه دل هئا، انهي لاءِ 5 جهاز ڪيرايا، اهي وڌيڪ به ٿي سگهيا پئي جڏهن ته پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن مُخالف ڌُر سميت ايوان کي گذارش ڪئي ته اچو ملڪ جي لاءِ اسان سڀ گڏ ٿيون، هن کان وڌيڪ سٺو موقعو ڪو نه ٿو ٿي سگهي، آئون اسپيڪر چيمبر ۾ انهن سان ملڻ لاءِ تيار آهيان، پاڪستان کي عظيم قوم بڻائڻ جو اهو ئي موقعو آهي، الله قوم کي ٻيهر موقعو ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي ڪري اڄ پاڪستان جو ڳاٽ اونچو آهي. هن تجويز ڏني ته ان بهترين ۽ منهن ٽوڙ جواب تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، آرمي چيف، پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي سربراهن ۽ جوانن جي لاءِ تحسين جي قرارداد منظور ڪرڻ گهرجي.