اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارت پاران بزدلاڻي حملي جو سخت جواب ڏنو آهي ۽ ان جا 5 جهاز ڪيرايا، ڀارت پاران ڪنهن به جارحيت تي اڳتي به سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، هن ڀيري ڀارت جو بيانيو وڪامجي نه سگهيو، ان کي سفارتي محاذ تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 22 اپريل تي انقره ۾ وزيراعظم جي موجودگي جي موقعي تي پهلگام واقعو ٿيو، ان واقعي کانپوءِ انڊين سلامتي ڪميٽي جا سمورا اعلان ڪيل قدم پاڪستان جي خلاف هئا، جن ۾ اٽاري جي بندش، سفارتي عملي جي گهٽتائي، آرمڊ فورسز جي اتاشين کي ناپسنديده قرار ڏيڻ شامل هو. هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي جو اعلان ڪيو، اهو معاهدو هڪطرفو ختم يا تبديل نٿو ٿي سگهي، ان جون ٽي ڌريون موجود آهن، اڳئين ڏينهن پاڪستان جي قومي سلامتي ادلي جو بدلو جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ان اجلاس ۾ واضح ڪيو ته ڪنهن جارحيت جي صورت ۾ سخت جواب ڏنو ويندو. پلواما وانگر هن پهلگام واقعي جي پٺيان به ڪڌا مقصد هئا، وزيراعظم عالمي غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي، جيڪڏهن اسان ان واقعي جي پٺيان هجون ها ته ايتري کليل آڇون ڇو ڪريون ها، اسان مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ غيرملڪي سفيرن کي بريفنگ ڏني آهي، اسان جو فيصلو هو ته اسان اڳرائي نه ڪنداسين، اسان انهن جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو، هاڻي به سخت جواب ڏينداسين. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جو ڪلوز ڊور اجلاس گهرايو جنهن ۾ اسان جي نمائندن ميمبر ملڪن کي سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل رات هڪ وڳي ڀارت جي چرپر جو اطلاع هو، پلواما ۾ اڄ تائين ثبوت نه ڏئي سگهيا، ڀارت هڪ سال کان سنڌ طاس معاهدي تي نظرثاني جي لاءِ پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جڏهن ته اسان واضح ڪري ڇڏيو هو ته ان تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، 24 اپريل جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان معاهدي جي خاتمي کي اعلان جنگ قرار ڏنو ويو. هن چيو ته پهلگام واقعو پري پلان هو، لائين آف ڪنٽرول کان پهلگام جو فاصلو 230 ڪلوميٽر هو، اها سموري منصوبابندي هئي جنهن کي وقت ثابت ڪندو. هن چيو ته اڳ ۾ 4 ڀارتي جهازن ڪوشش ڪئي جڏهن ته انهن کي اسان جي فضائيه جام ڪري ڇڏيو، گذريل رات انهن جي جهازن پنهنجي حدن کان حملو ڪيو، اها واضح هدايت هئي ته جيڪو جهاز حملو ڪري ان کي نشانو بڻايو وڃي، اسان ائين ئي ڪيو نه ته وڌيڪ جهاز نشانو بڻائي سگهياسين پئي. هن چيو ته يو اين سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط لکيو ته عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪندي انٽرنيشنل سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي وئي. 6 جاين تي 24 حملا ڪيا ويا، نيلم جهلم منصوبي کي نشانو بڻايو ويو، عالمي اڳواڻن کي به آگاهه ڪري رهيا آهيون، اسان جا دوست ملڪ اسان سان رابطي ۾ هئا، چين جي ٽيم صبح 4 وڳي پنهنجي سفير سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ موجود هئي، اسان انهن کي ردعمل کان آگاهه ڪيو، اسان پاران چيني ساخته جي 10 سي جهازن ڪارروائي ۾ حصو ورتو. ڀارت پاران رافيل جهازن حملو ڪيو پر اهي ڪيرايا ويا. هن چيو ته هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل به نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري ڀارتي جارحيت تي سخت احتجاج ڪيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري سان رابطو ٿيڻو آهي، اسان سفارتي محاذ تي ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پلواما ۾ ڀارت جو بيانيو وڪاميو ۽ هن 5 آگسٽ 2019ع جو قدم کنيو ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي هڙپ ڪرڻ جا قدم کنيا جڏهن ته هن ڀيري انهن جو بيانيو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ڪير به انهن جي بيانيي کي تسليم نه ڪري رهيو آهي، ان قدم جي مذمت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سينيٽ ۾ جيڪو اتفاق ۽ اتحاد ڏيکاريو ويو ۽ ٻه ڪلاڪ گڏجي ويهي ڊسڪشن جي متفقه قرارداد جو مسودو تيار ڪيو ويو، اهڙي طرح اسيمبلي جي سمورين پارٽين جي ملڪي سلامتي جي لاءِ اتحاد کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ منعقد ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. ان اجلاس ۾ هٿياربند فوج کي ان حملي جو جواب ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو. هن ڪميٽي جو پڌرنامو اسپيڪر کي پيش ڪيو.