اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اٽلي جي گهرو وزير ميٽيو پيانٽيدوسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ اٽلي جي لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو قائم ڪيل ڍانچو باقاعده ڳالهه ٻولهه جي لاءِ بهترين بنياد فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جا بي پناهه امڪان آهن. نائب وزيراعظم مزدورن جي موبلٽي جي شعبي ۾ پاڪستان اٽلي جي وڌندڙ تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ مائيگريشن ۽ ليبر موبلٽي تي مفاهمت نامي جي پڄاڻي کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. اٽلي جي گهرو وزير پيانٽيدوسي پاڪستان اٽلي لاڳاپن جو مثبت جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي خواهش جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم اٽلي وزير کي ڀارت جي تازي وڌندڙ قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڀارت جي بزدلاڻي قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي قائم ڪيل اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو پر ڀارت عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي ڪندي علائقائي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اٽلي جي گهرو وزير پيانٽيدوسي اڳ کان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ معصوم جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي طرفن کان تحمل کان وٺڻ تي زور ڏنو. ٻنهي طرفن رابطا تيز ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.