ڪوئيٽا-07 مئي (اي پي پي) بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر مير عطاالله لانگو ايڊووڪيٽ، ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جا وڪيل پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جو اعلان ڪن ٿا، وڪيل برادري مادر وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ هر وقت تيار آهي. اي پي پي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر مير عطاالله لانگو ايڊووڪيٽ چيو ته پاڪ فضائيه جي شاهينن مڪار دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي سڄي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. بلوچستان جا وڪيل ۽ عوام هٿياربند فوج سان گڏ جبل جيان بيٺل آهن. هن چيو ته بهاولپور، ڪوٽلي ۽ مظفر آباد ۾ ڀارت جا ميزائل حملا گجرات جي قاصائي مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ کي ظاهر ڪري رهيو آهي پر پاڪ فضائيه جي جوانن ڀارتي جهاز ڪيرائي مودي جي ناپاڪ عزم کي خاڪ ۾ ملايو آهي.