ڪوئيٽا – 07 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي چيو آھي ته ملڪ جي سلامتي ۽ بقا تي ڪو سمجھوتو نه ڪنداسين، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي. بلوچستان جي وزيراعليٰ ميرسرفراز بگٽي ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني فوج ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان ھر جارحيت جو جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، وزيراعليٰ چيو ته اسان امن چاھيون ٿا پر ان کي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي، ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ملي ويو آھي.