سرينگر-07 مئي (اي پي پي) سرينگر جي انگريزي اخبار گڊ مارننگ ڪشمير تصديق ڪئي آهي ته ڀارتي پنجاب جي شهر ڀٽنڊه ۾ رافيل جهاز ڪرڻ سبب هڪ ماڻهو فوت ۽ 9 ٻيا زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب اخبار اکين ڏٺڻ شاهدن جو حوالو ڏيندي چيو ته زمين ۾ ڪم ڪندڙ هارين هڪ جهاز کي تيزي سان هيٺ ايندي ڏٺو ۽ ان کانپوءِ ڪري تباهه ٿيندي ڏٺو. پنجاب جي ضلعي ڀٽنڊه جي ضلعي هيڊڪوارٽر کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر پري اڪليان ڪلان ڳوٺ ۾ اربع جي صبح جو هڪ جهاز جي ڪرڻ ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل جي سڃاڻپ هريانه جي هڪ مزدور گووند طور ٿي آهي.