لاهور-07 مئي (اي پي پي) پنجاب جي گهرو کاتي طرفان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي خط لکيو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان موجب سڄي صوبي جي اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي هيلٿ الرٽ جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. خط اسپيشلائزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري ۽ صحت ۽ آبادي واري کاتي جي نالي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حملي جي روشني ۾ صحت جي شعبي جي ايمرجنسي خدمتون اهم آهن، هنگامي بنيادن تي هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ۽ ايمرجنسي ريسپانس پروٽوڪولز کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز، نرسز، پيراميڊيڪس ۽ مددگار عملو مناسب انگ ۾ هر وقت موجود رهي. طبي سامان، ايمرجنسي ڪٽس ۽ رت عطئي جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي. هنگامي حالتن ۾ ريسڪيو ۽ ايمرجنسي سروسز جي هم آهنگي يقيني بڻائي وڃي.