اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان تي ڀارت جي بزدلاڻي ۽ رات جي انڌيري ۾ ڪيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو آهي ته اسان جي فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سبق سيکاري رهي آهي، دشمن کي اسان جي بهادري ۽ حوصلي جو اندازو ئي نه هو. هن چيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي ۽ اسان پنهنجي فضائي، زميني ۽ سامونڊي حدن جي حفاظت ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻون ٿا. محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته پاڪ فوج دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڀارت کي هر محاذ تي شڪست ڏينداسين. ڀارت خطي جي امن کي مسلسل نقصان پهچائي رهيو آهي پر پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ هر مهم جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ڀارت کي هاڻي اهو اندازو ٿي ويو آهي ته پاڪستان آسان هدف ناهي، پاڪ فوج اسان جي قوم جو فخر آهي ۽ پوري قوم ساڻس گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، پر اسان ڪمزور نه آهيون. اسان جو يقين لا اله الا الله تي آهي، ۽ ان يقين سان اسان دشمن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين.