راولپنڊي -07 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل الرٽ آهي، برناله سيڪٽر تي دشمن جو ڊرون تباهه ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت طرفان پاڪستان جي مختلف هنڌن تي رات جي اونداهي ۾ ميزائيل فائر ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل طور الرٽ آهي ۽ جوابي ڪارروائي دوران دشمن جو ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو.