راولپنڊي -07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان پوءِ شاندار جوابي ڪارروائي دوران ڀارتي فوج کي گهرو ڌڪ لڳايو آهي. پاڪ فوج ڀارت جي 6 مهارڪا بٽالين هيڊ ڪوارٽر تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ٻيو ڊرون به ڪيرائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي منهن ٽوڙ جواب دوران ڀارتي فوج جي برگيڊ هيڊ ڪوارٽر کان پوءِ وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. پاڪ فوج جي جوابي حملي سان ڀارت جي 6 مهارڪا بٽالين جو هيڊ ڪوارٽر تباهه ٿي ويو. ڀارت جي 6 مهارڪا بٽالين آزاد ڪشمير جي وادي ليپا سامهون ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ آهي. ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان پوءِ پاڪ فوج هڪ ٻيو ڀارتي ڊرون به تباهه ڪري ڇڏيو. شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جو ڊرون پاڪستان رينجرز تباهه ڪيو. ڊرون ذريعي دراندازي جي ناڪام ڪوشش گذريل ڏينهن صبح جو ڪئي وئي. پاڪ فوج دشمن جي هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۾ مصروف آهي.