اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي، ته لاهور ۽ ڪراچي جون فضائي حدون کوليون ويون آهن. گذريل ڏينهن ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻنهي شهرن ۾ آپريشنل پابندين سبب متاثر ٿيل فضائي حدون هاڻي دستياب آهن. اهي فضائي حدون 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي طور تي بند ڪيون ويون هيون، جڏهن ته علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مسافرن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ايئر لائينز سان ويجهي رابطي ۾ رهن.