اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بنا جواز ڀارتي حملن تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب انهن حملن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس طرفان چيو ويو آهي ته ڀارت جي جارحيت جي کلي عام ڪارروائي پاڪستان جي خودمختياري جي سراسر خلاف ورزي آهي. اهڙي طرح جا قدم گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن ۽ رياستي لاڳاپن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل اصولن جي ابتڙ آهن. بيان موجب پاڪستان ڀارت جي دشمناڻي رويي جي بي بنياد جواز کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.