پشاور-07 مئي (اي پي پي) جماعت اسلامي پاڪستان جي اڳوڻي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ پاڪستان جي مسجدن تي حملا ڪيا جيڪا بزدلاڻي ڪارروائي آهي. پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته پوري قوم ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي، پاڪ فوج پاران ڀارت کي بروقت جواب ڏيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، پاڪستاني فوج ۽ قوم هڪ پيج تي آهن.