گلگت -07 مئي (اي پي پي) گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه پاڪستاني شهرن بهاولپور، ڪوٽلي ۽ مظفر آباد تي ڀارت جي ميزائيل حملن جي شديد مذمت ڪندي انهن کي دهشتگردي، جارحيت ۽ علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو آهي. سيد مهدي شاهه هوائي فوج پاران منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي ايئر فورس جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. سيد مهدي شاهه چيو ته ڀارت پاران ان قسم جون چڙ ڏياريندڙ ڪارروائيون قبولڻ جوڳيون ناهن، پاڪستان جو عوام ۽ فوج دشمن کي ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهن. ڀارت پاڪستان جي رهائشي علائقن کي نشانو بڻائي معصوم ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو، اهو عمل مودي جي انتهاپسند سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڀارت پاران پاڪستاني علائقن کي نشانو بڻائڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڀارت جي لاپرواهي تي مشتمل غيرذميواري واري رويي جو فوري نوٽيس وٺي. هن خبردار ڪيو ته ڪنهن جي به پاران جارحيت جو پوري طرح مقابلو ڪيو ويندو. پاڪ فوج ڀارت جي حملن جو ڀرپور جواب ڏيندي. وطن جي سلامتي ۽ خودمختياري تي حملو ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.