ڪراچي -07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڀارت شهرين تي حملو ڪري بزدلاڻو عمل ڪيو آهي، پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ ڀارت جي بزدلاڻين ڪارروائين جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعليٰ سنڌ ڀارتي حملن ۾ بيگناهه شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قوم جا حوصلا بلند آهن، عوام پاڪ فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو گهرجائو آهي، پر پنهنجي دفاع کان غافل ناهي.