اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) رٿا بندي، ترقي، سڌاران ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڀارت طرفان پاڪستان خلاف تازي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. ھن چيو ته اھي قدم پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي ۽ ھڪ سنگين اڳرائي آھي جيڪي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح ڀڃڪڙي آھن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته معصوم شھري، جن ۾ عورتون ۽ ھڪ ٻار به شامل آھي، جو وحشياڻو قتل ھڪ ناقابل معافي ڏوھه آھي. ان ظلم ۽ بربريت کي ڪنھن به صورتحال ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پنھنجي عوام ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ قدم کڻڻ جو مڪمل حق حاصل آھي. اسان ڪنھن به جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت ۽ عزم رکون ٿا. وفاقي وزير عالمي برادري، گڏيل قومن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ امن جي عالمي علمبردارن کان اپيل ڪيون ٿا ته ھو ڀارت جي ان غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺن ۽ ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام کي بچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.