اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي گادي شهر اسلام آباد جي اسپتالن ۾ به هائي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پمز، پولي ڪلينڪ سميت سمورين اسپتالن جي عملي جون موڪلون ختم ڪيون ويون آهن. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي وفاقي گادي واري هنڌ جي اسپتالن ۾ به هائي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي .سمورن ملازمن کي ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي، جڏهن ته شهر کان ٻاهر موجود طبي عملي کي فوري واپس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.