اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق
ڊار سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو گذريل ڏينهن صبح جو
ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ ڀارت پاران بنا اڳرائي جي
ڀڃڪڙيون ڪيون ۽ معصوم جانين جي نقصان جي حوالي سان ترڪيه پاران
پاڪستان سان مضبوط يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي
اڳواڻن علائقائي سلامتي جي خدشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سهڪار
برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.