اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق
ڊار پنهنجي ٽيم سان گڏ سڄي رات پرڏيهي وزارت ۾ متحرڪ رهيو. پرڏيهي
آفيس جي ترجمان گذريل ڏينهن صبح جو جاري بيان ۾ چيو آهي، ته محمد اسحاق
ڊار صورتحال جي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪم جاري ڪندو رهيو. نائب
وزيراعظم ڀارتي بزدلاڻن حملن ۾ 8 ماڻهن جي شهادت ۽ 35 زخمين جي
تصديق ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي،
ته سڀ کان وڌيڪ شهادتون احمد پور شرقيه ۾ ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس جي
ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم جي هدايت تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل
نمائندي ڀارت طرفان حملن بابت سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي مستقل نمائندي سلامتي ڪائونسل کي ڀارتي جارحيت سبب عالمي
امن ۽ سلامتي جي خطري کان به آگاهه ڪيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل
کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مناسب وقت ۽ هنڌ تي ڀارتي جارحيت جو باقاعده
جواب جو حق رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي
آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڀارتي جارحيت جي جواب جو حق
رکي ٿو.