اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ ڀارت جي اشتعال انگيز بيان بازي ۽ پاڪستان جي خلاف هڪطرفي قدمن سان پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ پڻ شامل آهي. الجزائر جي پرڏيهي وزير تحمل جي اهميت ۽ ٻنهي طرفن کان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن الجزائر پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فريم ورڪ جي اندر پاڪستان سان هم آهنگي ۽ تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن معيشت، واپار ۽ دفاع سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.