اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان سعودي عرب جي ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس ميجر جنرل محمد بن سعيد القرني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مملڪتي وزير چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس جي حوالي سان پاڪستان جي زيرو ٽالرننس پاليسي آهي. منشيات جي اسمگلنگ هڪ عالمي مسئلو آهي. دوست ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار سان ئي ان ناسور تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اينٽي نارڪوٽڪس فورس محدود وسيلن باوجود شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته گذريل سال 21 بلين ڊالرن جي منشيات ضبط ڪئي وئي، دنيا جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ منشيات جي پيداوار افغانستان ۾ ٿيندي آهي. پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي جو بنيادي سبب منشيات ۽ دهشتگرديءَ جهڙا سنگين مسئلا آهن. ميجر جنرل محمد سعيد القرني چيو ته پاڪستان سان هر شعبي ۾ مثالي ۽ ڀائپيءَ وارا لاڳاپا آهن. منشيات جي لعنت جي اثرائتي انداز ۾ خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وفد ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي، ميجر جنرل ترڪي بن عبدالعزيز، برگيڊيئر راجي بن مسلم، ليفٽيننٽ نواف بن محمد الهنڪي، فواز بن خالد ۽ ڪرنل سعيد محمد شامل هئا. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو سيڪريٽري محمد خرم آغا ۽ ٻيا سينيئر آفيسر موجود هئا. طلال چوڌري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران وفد کي اعزازي شيلڊ پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام به پهچايو.