اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. صدر خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪيو. موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف سمجهون ٿا. ايراني پرڏيهي وزير جو ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرين تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ايران پاڪستان سان گڏيل مفاد ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايراني پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير خطي جي معاملن تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. صدر اهم موڙ تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. سندس چوڻ هو ته ڀارت جي جارحاڻي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي. صدر ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ايران سان واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ ڌرين غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج پاران جاري ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير ايراني صدر پاران صدر آصف علي زرداري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.