اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) ملڪي عسڪري ۽ سياسي قيادت ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي واضح ڪيو آهي ته قوم جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جي هٿياربند فوج قومي طاقت جي سمورن ٻين عنصرن ۽ رياستي ادارن جي تعاون سان پاڪستان جي سلامتي ۽ عزت ۽ وقار جي تحفظ جو هر حال ۾ دفاع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن سان گڏ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي پاڪستان جي اوڀرندي سرحد تي ڀارت جي وڌندڙ جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز رويي جي ڏس ۾ روايتي خطري کي منهن ڏيڻ جي تيارين ۽ سلامتي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قيادت کي علائقائي سلامتي جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ اڀرندڙ خطرن کان آگاهه ڪيو ويو جن ۾ روايتي فوجي آپشنز، هائبرڊ وار فيئر جي حڪمت عملي ۽ دهشتگردي جي پراڪسيز شامل آهن. وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ موجود شخصيتن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڪنهن به خلاف ورزي کي روڪڻ ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جي لاءِ قومي نگراني وڌائڻ، بنا رڪاوٽ انٽر ايجنسي تعاون ۽ آپريشنل تيارين کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايس آءِ جي پيشيواراڻي مهارت ۽ اسٽريٽجڪ بصيرت کي ساراهيندي قومي مفادن جي تحفظ ۽ مُشڪل ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ قومي سلامتي جي حوالي سان فيصلاسازي ۾ ان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي پٺيان بيٺل آهي، پاڪ فوج دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيشيواراڻي ۽ نظم ۽ ضبط واري فورسز ۾ شمار ٿئي ٿي. قيادت روايتي يا ٻين سمورن خطرن جي خلاف ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي تجديد ڪئي ته قوم جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جي هٿياربند فوج قومي طاقت جي سمورن عنصرن ۽ رياستي ادارن جي تعاون سان هر حال ۾ پاڪستان جي سلامتي ۽ عزت ۽ وقار کي برقرار رکڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.