اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن 19 اپريل تي نائب وزيراعظم جي افغانستان جي دوري کانپوءِ ٻطرفي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ واپار، رابطن، اقتصادي تعاون، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياسي مشاورتي مڪينزم کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ڌرين خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم افغان وقتي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف تازي اشتعال انگيزي ۽ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن امن جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي تحفظ جو ورجاءُ ڪيو. افغان وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي واپار ۾ آساني ۽ سفري سهولتن جي لاءِ پاڪستان جي فعال قدمن کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي ٻيهر افغانستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.