دوحه-06 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- قطر لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهيون ٿيون. گهرو وزير قطر جي وزيراعظم کي پاڪ- ڀارت تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ٺوس ۽ اصولي مؤقف بابت آگاهه ڪيو. هن خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي جامع قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته پهلگام واقعي تي ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ قدمن سان خطي جي امن کي سنگين خطرا لاحق آهن. پهلگام واقعي جي غير جانبدار جاچ جي آڇ پاڪستان جي اصولي مؤقف کي مضبوط ڪري ٿي. دنيا کي ڄاڻ ۾ هئڻ گهرجي ته واقعي جا ماسٽر مائينڊ ۽ اصل جوابدار ڪير آهن ۽ سندن ڪهڙا سهولتڪار آهن. ڀارت ان واقعي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي حملو ڪيو آهي جيڪو اسان لاءِ لائيف لائين آهي. خطي ۾ مستقل امن چاهيون ٿا پر جارحيت تي خاموش نه رهنداسين. قطر جي وزيراعظم پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ سفارتي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اسان خطي ۾ ڇڪتاڻ پيدا نه ٿيڻ جي پاليسيءَ جا حامي آهيون. اميد آهي ته سفارتي ڪوششن سان ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي. قطر جي وزيراعظم جو پاڪستان جي وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي چيو ته توهان جو وزيراعظم گهڻي محنت سان پاڪستان جي معيشت کي درست رُخ ۾ وٺي وڃي رهيو آهي. ان موقعي تي قطر ۾ پاڪستان جي سفير محمد عامر ۽ اعليٰ اختياريون به موجود هيون.