اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد ۾ اوورسيز پاڪستانيز بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر احمد ڪريم ڪنڊي به موجود هو. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات ۾ پرڏيهه ۾ روزگار ۽ هنر جي فراهمي جي حوالي سان مختلف تجويزن ۽ نار ملڪن ۾ پاڪستانين خاص طور تي خيبر پختونخوا جي عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر چيو ته خيبر پختونخوا جي ماڻهن کي پرڏيهه ۾ روزگار جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن. هن ٻڌايو ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ ليبر ڪالوني، اسپتال ۽ پروٽيڪٽر آفيس جو قيام ضروري آهي، خيبر پختونخوا جي ماڻهن لاءِ پرڏيهي ملڪن ۾ نوڪرين ۽ هنر جي فراهمي جا پروگرامز ڪوٽا مختص ڪيا وڃن. فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي وزير کي خيبر پختونخوا جي دوري جي دعوت به ڏني. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان خيبر پختونخوا ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت نوجوانن کي ميرٽ ۽ صلاحيت جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسلام آباد کانپوءِ پنجاب به اوورسيز پاڪستانين لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخوا ۾ به اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي عدالتن جي قيام لاءِ قانون سازي جي ضرورت آهي. ان موقعي تي گورنر، خيبر پختونخوا ۾ اوورسيز پاڪستانين لاءِ خصوصي عدالتن جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.