ابوظهبي-06 مئي (اي پي پي) ابوظهبي ۾ پاڪستان جي سفارتخاني نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي وفد جي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي مطالعاتي دوري جي دوران ميزباني ڪئي. سفارتخاني مان جاري ڪيل بيان مطابق دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ ٻطرفي ڳالهين، علمي سهڪار ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان مطابق گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي، اين ڊي يو، ڪي اي او ڊي چيف انسٽرڪٽر ايئر وائس مارشل عامر منير ۽ وفد جو استقبال ڪيو جنهن ۾ اعليٰ عسڪري ۽ سول سروس آفيسرن سان گڏوگڏ دوست ملڪن جي آفيسر به شامل هئا. سفير ٻطرفي سهڪار کي گهرو ڪرڻ ۾ ان طرح جي مٽا سٽا جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي تاريخي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي اسان جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي دوري دوران وفد گڏيل عرب امارات جي سرڪاري اختيارين، ٿنڪ ٽينڪس ۽ يو اي اي جي ٻين ادارن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. وفد جو دورو ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ لازوال لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي .